پرڏيهي ڪهاڻيون

پرڏيهي ڪهاڻيون

پرڏيهي ڪهاڻيون

پرڏيهي ڪهاڻيون (ڪتاب): هيءُ ڪتاب امريڪي، لاطيني امريڪي، يورپي، آسٽريليائي، ڏکڻ آمريڪا جي مختلف ملڪن جي 58 ڪهاڻين تي مشتمل آهي، جـيڪو سنڌ جي مـشـهور اديب ۽ مترجـم ولي رام ولڀ ترجمو ڪري ترتيب ڏنو. ولي رام ولڀ پرڏيهي ادب جي معياري لکڻين کي انتهائي سهڻي انداز ۾ سنڌي لفظن جو ويس پارائي سنڌي ادب ۾ ترجمي جي دنيا ۾ اضافو ڪيو آهي. هن ڪتاب کي سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد 2011ع دوران ڇپيل سنڌي ترجمي جي ڪتابن جي مقابلي ۾ بهترين ڪتاب قرار ڏنو. ڊيمي سائيز ۽ پڪي جلد سان 359 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شوري 2011ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 300 روپيا آهي.


لفظ پرڏيهي ڪهاڻيونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو